وڌيڪ اگهه وٺڻ، ماپ تور۾ کوٽ ۽ بنا اجازت هوٽل هلائڻ خلاف ڪاروائي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کاڌي پيتي جون شيون مقرر اگهه کان وڌيڪ قيمت تي وڪري ۽ بنا اجازت هوٽل هلائڻ خلاف انتظاميا چڪاس شروع ڪئي آهي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي آهي. سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ڄام نواز علي مان سنڌيار جي نمائندي موجب اسسٽنٽ ڪمشنرعبدالحميد مغل ۽ مختيارڪار ڄام نواز علي غلام ياسين پنھور پاران نئون آباد ۾ اوچتو رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙن دوڪاندارن، فروٽ، ڀاڄيون وڌيڪ اگھ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 30 کان وڌيڪ دڪاندارن تي  ڏنڊ وڌو ۽ کين وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪو به رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مٿن رمضان آرڊيننس تحت ڏنڊ وجهي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو. ان موقعي ته اسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار عوامي شڪايتن تي مارڪيٽ ڪاميٽي جي فراهم ڪيل لسٽ چيڪ ڪئي، ڪافي دڪاندارن لسٽون گم ڪري ڇڏيون. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب

اسسٽنٽ ڪنٽرولر ماپ تور آفيس نوشهروفيروز محمد عامر خان پٺاڻ طرفان رمضان جي ڀلاري مهيني اچڻ دوران ٺاروشاهه شهر ۾ پوليس ساڻ ڪري دڪاندارن، گاڏي وارن، فروٽ ۽ ٻيا ڪاروبار ڪندڙن جا ماپ تور وارا وٽ ترازو چيڪ ڪيا ۽ ماڻهن سان زيادتيون ڪندڙ ۽ ترازو ۾ کوٽ هجڻ تي ڪيترن ئي دڪاندارن ۽ ريڙهن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪنٽرولر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن بابرڪت مهيني ۾ سڄي ضلعي اندر ماپ تور جي وزٽ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به دڪاندار يا ريڙهي واري جي ماپ گهٽ رهي ته ان خلاف سخت ڪارراوئي ڪئي ويندي. هوڏانهن مريد شاخ مان رياض احمد ميراڻي موجب ڀلاري مھيني ۾ سرعام ھلندڙ غيرقانوني ھوٽلن تي اوٻاوڙو پوليس ڊي ايس پي اظھار لاھوري جي حڪم تي اوٻاوڙو پوليس نفري انچارج رشيداحمد ڀارو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڇاپو ھنيو. اوٻاوڙو پوليس ھوٽل ھلائيندڙ جوابدارن سميت ھوٽل جو سامان وغيرہ بہ کڻي وئي. ڊي ايس پي اوٻاوڙو موجب ملوث جوابدارن خلاف کنڀڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. جڏھن تہ ھوڏانھن کنڀڙا پوليس بااثر وڏيرن جي سفارشن تي ڪيس داخل نہ ڪيو آھي. معلوم ٿيوآھي تہ مريدشاخ ۾ ھلندڙ ھوٽل کنڀڙا پوليس جي ڪجھ عمدارن جي ملي ڀڳت سان ھلي رھيا ھيا. شھرين پاران ايس ايس پي کان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو