وڌندڙ بيمارين جي سلسلي ۾ موبائل يونٽ جو قائم ڪرڻ سٺو قدم

وڌندڙ بيمارين جي سلسلي ۾ موبائل يونٽ جو قائم ڪرڻ سٺو قدم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )مڪاني وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڏندن جي وڌندڙ مسئلن ۽ بيمارين جي علاج جي سلسلي ۾ خانگي ادارن پاران موبائل يونٽ جو قائم ٿيڻ قابل تعريف قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ هڪ پرائيويٽ اداري پاران موبائل يونٽ جو افتتاح ڪندي ڪيو. مڪاني واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڏندن جي بيمارين ۽ مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ان جو علاج عوام جي پهچ کان مٿي آهي جيتوڻيڪ سرڪاري اسپتالن ۾ حڪومت پاران عوام جو علاج ڪرڻ بلڪل مفت ڪيو پيو وڃي ۽ عوام کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن پر وڌندڙ طبي مسئلن جي حل لاءِ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته غيرسرڪاري سماجي تنظيمون اڳتي اچن اڄ جنهن موبائل يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي هن يونٽ جي ذريعي عوام کي ڏندن جو مفت علاج جي سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪي قابل تعريف عمل آهي صوبائي وزير چيو ته صحت جي شعبي ۾ ايڌي، سيلاني، عالمگير ويلفيئر ۽ جي ڊي سي سميت غيرسرڪاري ادارا نگاهه قدر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ان طرح هي ادارا عوام کي طبي سهولتن جي فراهمي جي سلسلي ۾حڪومت جو هٿ ونڊائي رهيا آهن. هن چيو ته ڏندن جي حوالي سان مفت طبي سهولتن جي لاءِ قائم موبائل يونٽ جو دائري ڪار کي وڌائي ڪري پوري سنڌ ۾ ڦهلايو ويندو ۽ سنڌ حڪومت به ان ۾ پنهنجو حصو وجهندي. هي موبائل يونٽ مختلف جڳهن تي وڃي ڪري مفت علاج جي سهولتون فراهم ڪندي. ريجنل هيڊ ڪلين پاٿ آرٿوڊينٽڪس ڊاڪٽر عمر فاروق مڪاني واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته اسان جو ادارو (US-FDA) کان به منظور ٿيل آهي. موبائل يونٽ کي قائم ڪرڻ جو مقصد غريب عوام جي ڏندن جي بيمارين ۽ مسئلن جي حوالي سان مفت سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. بعد ۾ صوبائي وزير موبائل يونٽ جو افتتاح ڪيو ۽ معائنو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو