دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ جي يو آئي طرفان شھر ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت، منشيات ۽ ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف حافظ عبدالغفور ميمڻ، زبير سونارو، حافظ ذوالقرنين، صداقت شاھ، صابو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنڃاري پل تي احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو، جڏھن تہ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اشرف پليجو يڪجھتي طور احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو تہ دڙو سميت سڄي سجاول ضلعي ۾ منشيات، بدامني ۽ ٻين سماجي برائين جي وڏي ڌوم متل آھي، جڏھن تہ سجاول پوليس ڏوھارين ۽ منشيات فروشن کي تحفظ فراھم ڪري رھي آھي، ھنن چيو تہ جي يو آئي اڳواڻ زبير سوناري کان ٿيل ڦر جي جوابدارن کي بٺورو جو ڊي ايس پي بچائي رھيو آھي، ھنن اعلان ڪيو تہ جي يو آئي طرفان 13 آڪٽوبر تي ڊي ايس پي آفيس ميرپوربٺورو آڏو تاريخي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو،










