هرمز مان رڪاوٽ ختم ٿيڻ گهرجي، چين ۽ روس ۾ 20 معاهدا

هرمز مان رڪاوٽ ختم ٿيڻ گهرجي، چين ۽ روس ۾ 20 معاهدا

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۽ روس واپار ۽ ٽيڪنالاجي بابت 20 کان وڌيڪ معاهدا ڪيا، ۽ گڏوگڏ “گهڻ-قطبي يعني ملٽيليٽرل عالمي نظام” بابت هڪ اعلان تي به صحيحون ڪيون آهن.
ٻنهي ملڪن هڪ ڊگهو گڏيل بيان پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ هنن ظاهري طور تي آمريڪا جي فوجي ڪاررواين ۽ “گولڊن ڊوم” نالي دفاعي منصوبن تي تنقيد ڪئي۔
هڪ اشارتي حوالي سان آبنائي هرمز ڏانهن، چين ۽ روس ٻين ملڪن کي سڏ ڪيو ته اهي عالمي واپار ۽ سپلائي چينز ۾ “هڪ طرفي” مداخلت بند  ڪن. ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي شهرين کي ويزا فري انٽري جي سهولت ڊسمبر 2027 تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔
شي جن پنگ چيو ته چين ۽ روس کي هڪ “وڌيڪ منصفاڻو ۽ معقول عالمي حڪمراني نظام” کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته ولاديمير پيوٽن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا “تاريخي طور تي بي مثال سطح تي پهچي چڪا آهن”۔
بهرحال، ٻئي ملڪ اربين ڊالرن جي “Power of Siberia 2” قدرتي گئس پائپ لائين جي تفصيلن کي حتمي شڪل نه ڏئي سگهيا، ۽ ڪريملن چيو ته رڳو “عام سمجھوتو” ٿيو آهي۔ هن رٿا بابت 10 سالن کان ڳالهيون هلن ٿيون ۽ چين سستي اگهه تي معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.
ان کان اڳ چيني صدر شي جن پنگ چيو هو ته دنيا کي جنگل جي قانون ڏانهن موٽڻ جو خطرو آهي.بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ سان ڳالهائيندي، روسي صدر چيو ته روس-چين لاڳاپا هڪ غير معمولي سطح تي آهن، ۽ ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي کي ترقي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.

صدر پيوٽن چيو ته روس ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا مثبت رفتار سان اڳتي وڌي رهيا آهن، روس وچ اوڀر جي بحران جي وچ ۾ هڪ قابل اعتماد توانائي فراهم ڪندڙ آهي، ۽ روسي-چيني لاڳاپا عالمي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.هن چيو ته چين ۽ روس کي هڪ منصفانه ۽ معقول عالمي گورننس سسٽم جي تعمير کي فروغ ڏيڻ گهرجي.

چيني صدر شي جن پنگ هن موقعي تي چيو ته چين-روس لاڳاپن جي ڪاميابي سياسي باهمي اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي ڪري آهي، ۽ دنيا کي جنگل جي قانون ڏانهن موٽڻ جو خطرو آهي.وچ اوڀر جي صورتحال تي چيني صدر چيو ته هن وقت ڳالهيون خاص اهميت رکن ٿيون، جنگ کي روڪڻ ضروري آهي، وچ اوڀر جي جنگ جو خاتمو توانائي جي فراهمي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، جنگ جو خاتمو عالمي واپاري نظام ۾ رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو، ۽ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ تڪرار غير دانشمندي هوندو.هن موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ کي ايندڙ سال روس جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو