وڄ ڪرڻ سبب سامونڊي ٻيٽ ۾ 3 پورهيت فوت 3 ڄڻا زخمي

چوهڙ جمالي(ناشاد ملاح) شاهبندر جي سامونڊي ٻيٽ ۾ وڄ ڪرڻ سبب سمنڊ مان جهينگا ۽ جيت  ماريندڙ ليبر جا ٽي پورهيت فوت ۽ ٽي ٻيا زخمي ٿي پيا آهن.  فوتين ۽ زخمين جو تعلق ٺٽي ضلعي جي شھر ٻهارا سان ٻڌايو پيو وڃي . شاهبندر جي سامونڊي ٻيٽ تي قائم درگاھ حاجي ابراهيم واڙي واري ڀرسان لاڪارا تڙ وٽ وڄ ڪرڻ سبب ٺٽي ضلعي جي شهر ٻوهارا کان آيل سامونڊي جهينگا ۽ جيت ماريندڙ پورهيت ٽي ڄڻا اسماعيل مالهيو , رزاق مالهيو ، ڌڻي بخش مالهيو موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته ٽي ڄڻا عبدالستار مالهيو ، ادريس مالهيو ۽ عبدالرشيد مالهيو زخمي ٿي پيا، جن کي پاڪ نيوي جي جوانن ايمبولنس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏني ويئي، جڏھن ته فوتين جا مڙھ پڻ چوهڙ جمالي آندا ويا جتي وارثن کي اطلاع ڏيئي لاش ٻوهارا شھر روانه ڪيا ويا. زخمي پورهيتن موجب اسين سمنڊ ڪناري جهوپڙي ۾ ويٺا هئاسين ته اسان جي مٿان وڄ ڪري پئي جنهن جي ڪري اسان سان گڏ ويٺل ٽي پورهيت موقعي تي فوت ٿي ويا , هنن ٻڌايو ته اسين ليبر جي صورت ۾ سمنڊ مان ماروڙي جيت پڪڙي وڪرو ڪندا آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو