وٺي هرهر جنم وربو، سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي

وٺي هرهر جنم وربو، سائين جي ايم سيد جي 26هين ورسي

محمد بخش ڏاهري

ڄامشوري واري پل تان جڏهن سنڌو ڏي نھاريم،  سسئيء جي ڏاکڙي واري اها سٽ ياد اچي ويئي، پاڻي ناهي پنڌ گھڻو رائو رڳي رڃ. درياءَ جي پيٽ ۾ ته ڪجھ پاڻي ڪنھن نانگڻ جيان ور وڪڙ کائيندي سرندو پئي ويو ، جنھن پاڻي ۾ نه مھاڻا هئا، نه رڇ هئا، نه اهي بتيلا هئا جن جا سنوان سڙھ فطرت ۾ انيڪ رنگ چٽي ڇڏيندا هئا. ڀر ۾ درياھ جي پيٽ ۾ واري اڏامي رهي هئي . جل ٿل وهندڙ اسان جي هن سنڌوء کي سڪي ويندي سال لنگھي ويا آهن. ڪالا باغ ڊيم کان وٺي باشا ڊيم، اسڪردو ڊيم ته ٺاهي سنڌو جو پاڻي سڪايو ويو پر چشما جھلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال ڪڍي وڏي صوبي کي ته سيراب ڪيو ويو، پر سنڌ بنجر بنجي ويئي. درياھ جا ڪن به ويا ته اهي ڇوليون به ويون جن جو شور ڪندڙ آواز به ٻاجھاري ٻولي مثل هوندو هو، جيڪي ان سمنڊ کي وڃي چمنديون هيون جيڪو صدين کان اسان کي ساحلي هوائن جو سحر عطا ڪندو ھو. اڄ اسان جي ڏکڻ جي ٿڌڙي هير ۾ سنڌو جي هوائن جو هڳاء نه رهيو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان سامونڊي پٽي تائين رڳو درد آهي جيڪو هر بستي بسي ٿو. ڏسندو ئي رهيس پنھنجي سنڌوء کي… اکين ۾ آب اچي ويو، دل لڇي پئي من ڦٿڪي پيو. اها شخصيت ياد آئي جيڪا سنڌ هئي، اسان جي آزاد  خوابن جي ڪائنات جنھن جي سحر جو دل ۾ بسيرو  آباد آهي ۽ اسان جي سنڌ مٿان ايندڙ نسلن مٿان جيڪي آزاد سورج چمڪندا سندن ۾ ان روشني جا ڪرڻا جڳمڳائيندا رهندا. جنھن هستي لاءِ شيخ اياز چيو هو

هو جو پوڙهو جھور وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾….

جڏهن لبن تي سندس نانء جي. ايم سيد اچي ٿو، دنيا جا سڀ درد وسري وڃن ٿا . اتساھ اميدن جا واهڙ  وهي پون ٿا. سندس نظرئي فڪر کي اوس ڪاميابي ملڻي آ. اسان جا ايندڙ نسل جڏهن سنڌ مٿان آزاد سورج چمڪندي ڏسندا ته هو رڳو جمالن تي نه جھومندا پر انھن سٽن تي به رقص ڪندا،

خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گھرجي ،

ڌرتي زندھ باد ته ٻيو ڇا گھرجي . (خاڪي جويو).

JSQM leaders on Saeen GM Syed’s grave on 26th April 2021

شاگردي واري وقت جڏهن قومي تحريڪ ۾ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور ۾  هڪ ننڍڙي يونٽ جا عھديدار هوندا هئاسين. سن جي سر زمين تي جڏهن سائينءَ جا سلامي ٿيندا هئاسين ته سائين جي ٻاجھاري شخصيت اسان مٿان جيڪا شفقت نڇاور ڪندي هئي، ڇا ته سحر هوندو هو، انھن گھڙين ۾… ڏسندي ئي رهجي ويندا هئاسين. هر هڪ قومي ڪارڪن کي چڱيء ريت محسوس ٿيندو ھو سائين  ته منھنجو ئي آهي. سائين جي اوطاق جي احاطي ۾ مون عبدالواحد آريسر، جمن دربدر، سرور سھتو ، شفيع ڪرناڻي، قاسم پٿر، قادر رانٽو، حبيب ﷲ ناريجو، بشير قريشي، آڪاش انصاري، سرڪش سنڌي ۽ ٻين انيڪ قومپرست اڳواڻن سان ڪارڪن جي گھيري ۾ ڊگھيون ڪچھريون به ڪيون.رات کٽي وڃي ڳالھيون نه کٽن. سائين  ته آرام ڪرڻ لاءِ حويلي هليو ويندو هو ۽ اسين ڪارڪن ڪچھري ڪندي صبح ڪري ڇڏيندا  هئاسين. جڏهن قوم پرست ڌڙن ۾ ورهائجي ويا. پاڻ قوم پرست تحريڪ کان ڪٽجي وياسين. ڌڙن ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ وقت ڊاڪٽر دودو مھيري ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ رهياسين. مون قوم پرست کان انڪري ڪنارھ ڪشي اختيار ڪئي جو سيد جو فڪر به هڪ، نظريو ۽ واٽ به ساڳي، سنڌ وطن به ساڳيو. پوءِ الڳ ديڳڙي چاڙهڻ جو    مطلب اهو ٿيو منھنجي نظر ۾ ته اسان مان ڪٿي قومپرستي جو روح  ته نه نڪري ويو آهي؟جڏهن بشير قريشي ڪراچي ۾ ٽيھ لک ماڻهن جو مارچ ڪيو ته ائين لڳو سيد جو نظريو منزل جي قريب آهي. پر ان هستي کي به راھ تان هٽايو ويو. مون کي قوم پرست تنظيمون ڇڏيندي ويھ پنجويھ سال ٿي ويا آهن. پراڻا دوست ملن ٿا، هڪ ٻئي جو تمام گھڻو احترام ڪيون ٿا  پر سوچون راهون رستا الڳ آهن. منھنجو شعبو صرف ادب ۽ تاريخ، قديم آثار ئي رهجي ويا آهن. لکڻ پڙهڻ منھنجي روح ۾ رلجي ويو آهي.

اڄ سائين جي ورسي تي دل غم ۾ ٻڏل آهي.

نه سي جوڳي جُوءِ ۾ نه سي سامي واٽ،

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيء ويل پلاڻيا.

 (لطيف سائين) .

سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ rتي کيس انھيءَ کا وڌيڪ ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته سندس فڪر کي سمجهون ۽ ان تي عمل ڪريون. (هي مضمون واٽس ايپ گروپ تان کنيو ويو)

نوٽ : سائين جي ايم سيد جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي لنڪ تان آن لائن پڙهي ۽ شيئر به ڪري سگهجن ٿا. https://books.sindhsalamat.com

پهنجو تبصرو موڪليو