اوٻاوڙو ( اسد علي) سنڌ پنجاب دنگ تي ايڪسائيز پوليس جي چيڪنگ دوران پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ويگو گاڏي جي خفيا خانن مان 60 ڪلو چرس برآمد ڪري ٻن جوابدارن شاھد ۽ ذاڪر دراني کي گرفتار ڪري ورتو. ايڪسائيز پوليس جو چوڻ آهي ته ويگو پنجاب جي مختلف رستن تان ٿيندي ڪراچي وڃي رهي هئي ته اسان شڪ جي بنياد تي ويگو جي هڪ ڪلاڪ جي چيڪنگ کان پوءِ خفيا خانن مان 60 ڪلو چرس برآمد ڪري ورتو. ايڪسائيز انسپيڪٽر حسن علي دشتي ٻڌايو ته ايڪسائيز جي صوبائي وزيرمڪيش ڪمار چاولا سخت هدايت ڪئي آهي ته بارڊر تي سختي سان چيڪنگ ڪئي وڃي. ايڪسائيز انسپيڪٽر حسن علي دشتي جي فرياد تي ٻن جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










