عمر ڪوٽ ۽ نوشهري ۾ ڌار ڌار حادثا، هڪ فوت 7 زخمي

عمر ڪوٽ ۽ نوشهري ۾ ڌار ڌار حادثا، هڪ فوت 7 زخمي

نوشھروفيروز/ عمرڪوٽ (نمائندن وٽان)ڦل نوشھرو فيروز لنڪ روڊ تي ڳوٺ فقير عبدالله ڦل وٽ ڪنڊيارو نوابشاھ روٽ تي ھلندڙ  ويگن ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سلطان احمد ڪلھوڙو موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ڪلينر بابر سھتو سميت ڪيترائي مسافر معمولي زخمي ٿي پيا جن کي نوشھروفيروز  اسپتال پهچايو ويو آھي. فوتي ڊرائيور سلطان احمد ڪلهوڙو ڪنڊيارو جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي.**** عمر ڪوٽ مان نمائندي موجب ميرپورخاص عمر ڪوٽ روڊ تي مير سليم ٽرانسپورٽ ڪمپني جي بس ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر سبب 5 مزدور عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو