ويڪسين کي محفوظ بنائڻ جو جديد طريقو ايجاد

واشنگٽن(ويب ڊسڪ) سائنسدانن ۽ تحقيق ڪارن ويڪيسن جي روايتي طريقن کان هٽي هڪ منفرد طريقو ايجاد ڪيو آهي جنهن سان سئي يا سرنج هڻڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ نه ئي اوهان کي ريفريجريٽر جي ضرورت پوندي. سائنس الرٽ نامي جرنل ۾ شايع ٿيل اسٽڊي جي ليکڪ ماريا ڪِرولي جو چوڻ آهي ته هڪ خاص طريقي سان ويڪسين کي فلم ڪوٽنگ ڪئي وڃي ٿي اها وات ۾ وجهڻ سان کي حل ٿي وڃي ٿي. ان تي لاڳت به تمام گهٽ آهي جاءِ به ٿوري والاري ٿي ۽ هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي ان کي آساني سان منتقل ڪري سگهجي ٿو. ڪِرولي ۽ سندس ٽيم هي تحقيق 2007 ۾ ان وقت هڪ ڊاڪيومينٽري مان خيال کڻي تحقيق شروع ڪئي هئي. ان ڊاڪيومينٽري ۾ دي اين اي جي جيوڙن کي محفوظ بنائڻ لاءِ اهو طريقو استعمال ڪيو ويو هو. تحقيق ڪارن جو چوڻ آهي ته هي هڪ مشڪل تحقيق هئي، هر سال 450 ڀيرا تجربا ڪيا ويا پر هاڻي گهربل نتيجو مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو