ويڊيو معاملو، حڪومت ڌر نه بڻبي، اعليٰ عدليا نوٽيس وٺي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو واري معاملي ۾ حڪومت ڌر نه بڻبي اعليٰ عدليا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ويڊيو معاملي بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت حڪومت جي ترجمانن جي گهرايل اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم اجلاس دوران چيو ته قومي ادارن تي حملا برداشت نه ڪنداسين، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم حڪومتي ترجمانن کي چيو ته ادارن جو ڀرپور دفاع ڪريو۽ ادارن کي تڪراري بڻائيندڙن کي ٺڪي ٺوڪي جواب ڏيو. عمران خان چيو ته عدليه تي دٻاءُ وجهڻ نوازليگ جي پراڻي عادت ۽ تاريخ آهي، هي نئون پاڪستان آهي، ان ۾ عدليه ۽ ججز آزاد آهن، حڪومت آڏو جوابده ناهن. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن حڪومتي قدمن تي اعتراض اٿاري سگهي ٿي، تنهنڪري جج جي وڊيو وارو معاملو عدليه تي ڇڏڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته اعليٰ عدليه کي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، مبينا وڊيو جي فورنزڪ آڊٽ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته عدليه حڪم ڏئي. عدليه جيڪو فيصلو ڪندي، حڪومت سهڪار ڪندي. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جيڪو به حربو استعمال ڪري، پر احتساب جو عمل جاري رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته تڪراري ويڊيو جي فورنزڪ جاچ جي سهولت پنجاب فورنزڪ ليبارٽري ۾ آهي ۽ هفتي ۾ سڀ ڪجهه سامهون اچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو