آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ايران خلاف جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ بابت خدشن جو اظهار ڪيو. جن ۾ بارود جي گهٽ ٿيندڙ ذخيرن سميت ٻيا نقطا به شامل هئا. جنهن بعد صدر ٽرمپ ايران خلاف جنگ هڪ ڏينهن لاءِ روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. سي اين اين جي رپورٽ موجب 2 هفتن تائين لڳاتار ايران تي بمباري بعد حملا عارضي طور روڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، جمعي واري اجلاس ۾ جنرل ڊين ڪين خاص طور تي آمريڪي هٿيارن ۽ بارودي ذخيري جي گهٽجڻ ۽ جنگ وڌائڻ جي ٻين ممڪنه منفي اثرن بابت خدشا ظاهر ڪيا. هڪ ذريعي موجب، جنرل ڪين ٽرمپ کي ٻڌايو ته آمريڪي فوج وٽ موجود فوجي آپشن ڪاميابي سان لاڳو ڪري سگهجن ٿا، پر ساڳئي وقت هن انهن قدمن جي ممڪنه نتيجن بابت به خبردار ڪيو. وائيٽ هائوس جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر اسٽيون چيئنگ پنهنجي بيان ۾ چيو: “صدر ٽرمپ هميشه اهو واضح ڪيو آهي ته هو سفارتي حل کي ترجيح ڏين ٿا، پر جيڪڏهن ايران هرمز لنگهه ۾ يا آمريڪي اتحادي ملڪن خلاف دهشتگرد سرگرميون جاري رکي ٿو ته صدر وٽ سڀئي آپشن موجود آهن.” هن وڌيڪ چيو: “ايران جي معيشت کي سخت پابندين ذريعي ڪمزور بڻائڻ ۽ ان جي بار بار جارحيت جي جواب ۾ فوجي هدفن تي لڳاتار 13 ڏينهن تائين ڪامياب حملن کان پوءِ، ايران لاءِ بهتر ٿيندو ته هو ڳالهين ذريعي ڪنهن معاهدي ڏانهن اڳتي وڌي. ٻي صورت ۾، ايران چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو.” جمعي ڏينهن ڪابينا جي ميمبرن ۽ سينيئر صلاحڪارن سان اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪي عملدار ايران سان سرگرم ڳالهين ۾ مصروف آهن. ساڳئي وقت هن اهو به چيو ته فوج بمباري واري مهم جاري رکي سگهي ٿي يا “ان کي وڌيڪ سخت بڻائي سگهي ٿي.” ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته جاري ڳالهين دوران ايران جو رويو “وڌيڪ سنجيده” ٿيندو پيو وڃي. ذريعن موجب گلف ملڪ صدر ٽرمپ کي حملا روڪڻ جي درخواست ڪن ٿا.










