وينزويلا زلزلو، فوتين جو انگ 500 کان وڌي ويو، آفٽر شاڪس ۽ ريسڪيو جو ڪم جاري

وينزويلا زلزلو، فوتين جو انگ 500 کان وڌي ويو، آفٽر شاڪس ۽ ريسڪيو جو ڪم جاري

ڪاراڪاس(ويب ڊيسڪ)ريسڪيو جون ٽيمون وينزويلا جي گادي واري شهر ويجهو آيل ٻن طاقتور زلزلن کان پوءِ ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهن کي زندهه ڪڍڻ لاءِ تيزي سان امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. سي اين اين موجب انهن زلزلن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 589 ماڻهو فوت ۽ 2980 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
گادي واري شهر ڪاراڪاس ۽ ويجهي سامونڊي شهر لا گوائرا ۾ ڊهي پيل عمارتن جي ملبن هيٺان ماڻهن جون مدد لاءِ دانهون ٻڌيون ويون.
آمريڪي جيالاجيڪل سروي (USGS) موجب پهريون زلزلو 7.2 شدت جو هو، جنهن کان صرف ڪجهه سيڪنڊن بعد 7.5 شدت جو وڌيڪ طاقتور زلزلو آيو. ٻنهي زلزلن جا مرڪز زمين جي مٿاڇري جي تمام ويجهو هئا، جنهن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي.
اختيارين کي خدشو آهي ته فوتين جو انگ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن يا خراب ۽ غير محفوظ عمارتن ۾ واپس وڃڻ کان ڊڄندي کليل آسمان هيٺ گهٽين ۾ رات گذاري رهيا آهن.
هي زلزلا اربع ڏينهن مقامي وقت موجب شام 6:04 وڳي آيا، جيڪو وينزويلا ۾ قومي موڪل جو ڏينهن هو، تنهنڪري عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماڻهو گهرن ۾ موجود هئا.
USGS موجب ٻنهي زلزلن جا مرڪز گهٽ اونهائي تي هئا. پهريون زلزلو زمين جي مٿاڇري کان 20.3 ڪلوميٽر هيٺ، جڏهن ته ٻيو صرف 10 ڪلوميٽر اونهائي تي آيو.
وينزويلا جي قومي اسيمبلي جي صدر جورجي روڊريگيز خميس ڏينهن ٻڌايو ته فوتين جو انگ وڌي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
عالمي امداد
ڪيترن ئي ملڪن بچاءَ جي ڪاررواين ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا 150 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. آمريڪي فوج چيو آهي ته هو بچاءَ ۽ امدادي ڪاررواين لاءِ ٽرانسپورٽ جهاز ۽ هوائي جهاز موڪلي رهي آهي.
جورجي روڊريگيز موجب 250 عمارتون مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويون آهن، جن مان گهڻيون لا گوائرا ۾ آهن، جتي بي بي سي هڪ ڏهه ماڙ هوٽل جي مڪمل طور ملبي ۾ تبديل ٿيڻ جي وڊيو جي تصديق ڪئي آهي.
خميس ڏينهن ڪيترائي ماڻهو اتي پنهنجن پيارن کي ڳولي رهيا هئا.
“مان صدمي ۾ آهيان”
جوان اورٽيز بي بي سي کي ٻڌايو ته سندس هڪ ويجهو دوست فوت ٿي چڪو آهي، ٻئي دوست بابت خدشو آهي ته هو ملبي هيٺ آهي، جڏهن ته سامونڊي علائقي ۾ رهندڙ سندس سڃاڻپ وارا لڳ ڀڳ 20 ماڻهو لاپتا آهن.
ڪاراڪاس ۾ رهندڙ ميڊيڪل شاگرد چيو: “مان صدمي، پريشاني ۽ مايوسي ۾ آهيان، ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن جي مدد نٿو ڪري سگهان.”
گهرو وزير ديوسدادو ڪابيلو موجب گادي واري شهر ۾ به ڪيترين عمارتن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته تروخيلو، ياراڪوي، ڪارابوبو، اراگوا ۽ ميرانڊا رياستون پڻ متاثر ٿيون آهن.
ڪاراڪاس جي ميٽروپوليٽن علائقي ۾ شامل چاڪائو ضلعي جي ميئر گسٽاوو ڊوڪي چيو ته هڪ ڊهي پيل عمارت مان 11 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 23 ماڻهن کي زندهه بچايو ويو آهي.
هن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو ته: “اسان ملبو هٽائي رهيا آهيون ته جيئن ماهر اندر وڃي انهن ماڻهن تائين پهچي سگهن، جيڪي اميد آهي ته اڃا تائين زندهه هوندا.”
هن وڌيڪ چيو: “اسان جي ڪوشش آهي ته جيترا ٿي سگهي اوترا ماڻهو زندهه بچايون.”
ايئرپورٽ بند، آفٽر شاڪس جاري
عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز موجب ڪاراڪاس ڀرسان مائيڪويتيا ۾ وينزويلا جو مکيه بين الاقوامي هوائي اڏو سخت نقصان سبب بند ڪيو ويو آهي. هوائي اڏي جي ٽرمينل مان ورتل وڊيو ۾ ڇت مان مٽي ۽ ملبو ڪرندي نظر اچي ٿو.
ڪاراڪاس کان اٽڪل 250 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ سامونڊي شهر ٽوڪاڪاس ۾ به هڪ گهڻ ماڙ عمارت، جيڪا مبينا طور هوٽل هئي، مڪمل طور ڊهي پئي.
زلزلن کان پوءِ به آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، ۽ ڊيلسي روڊريگيز موجب ٻنهي وڏن زلزلن کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
فوتين جو انگ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو
USGS خبردار ڪيو آهي ته: “تمام گهڻيون جانيون ضايع ٿيڻ ۽ وڏي پيماني تي تباهي جو امڪان آهي، ۽ هي آفت وسيع علائقي کي متاثر ڪري سگهي ٿي.” اداري اندازو لڳايو آهي ته: 42 سيڪڙو امڪان آهي ته فوتين جو انگ 10 هزار کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته 33 سيڪڙو امڪان آهي ته اهو انگ هڪ لک کان به وڌي سگهي ٿو.
اداري واضح ڪيو ته اهي انگ اکر صحيح اڳڪٿي نه، پر هنگامي امدادي منصوبابندي ۾ مدد لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. اهي اڳين ساڳي نوعيت جي زلزلن، آبادي، زلزلي جي شدت ۽ کوٽائي سميت مختلف عنصرن جي بنياد تي تيار ڪيا ويا آهن. عمارتن جي مضبوطي ۽ زلزلي جو وقت پڻ جاني نقصان تي وڏو اثر وجهن ٿا.
زلزلي جو سبب
وينزويلا ٻن ٽيڪٽونڪ پليٽن جي سنگم تي واقع آهي، ۽ ماهرن موجب زلزلا غالباً انهن پليٽن جي وچ ۾ موجود دٻاءُ اوچتو ختم ٿيڻ سبب آيا.
ڪاراڪاس سان تعلق رکندڙ صحافي لوئس هرنانديز بي بي سي نيوز ڊي کي ٻڌايو ته بجلي ۽ انٽرنيٽ جي بندش سبب نقصان جي صحيح اندازي لڳائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. هن چيو: “ملڪ جي معاشي بحران سبب به صحيح صورتحال جو جائزو وٺڻ اسان لاءِ تمام ڏکيو آهي.”
گهرو وزير ڪابيلو موجب ڪاراڪاس جا الٽاميرا ۽ لاس پالوس گرانڊيس علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. اهي ئي علائقا 1967ع واري وڏي زلزلي ۾ به سخت متاثر ٿيا هئا، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 200 ماڻهو فوت ٿيا هئا.
USGS جي رڪارڊ موجب، موجوده ٻيو زلزلو 1900ع کان پوءِ وينزويلا ۾ ايندڙ سڀ کان طاقتور زلزلو آهي.
“زندگي جو سڀ کان طاقتور زلزلو”
بي بي سي منڊو جي صحافيه نيڪول ڪولسٽر چيو: “هي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان طاقتور زلزلو هو.” لاس پالوس گرانڊيس ۾ ستين ماڙ تي رهندڙ ڪولسٽر وڌيڪ چيو: “زلزلو ايترو ته شديد هو جو مون کي لڳو عمارت منهنجي مٿان ڪري پوندي.”
ڪولمبيا جي گادي واري شهر بوگوٽا ۾ به سوين ڪلوميٽر پري ماڻهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا. وينزويلا جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچاڊو ايڪس تي لکيو: “منهنجي دل، منهنجو بي انتها ڀاڪر ۽ منهنجون دعائون انهن ڏکين گهڙين ۾ هر وينزويلائي خاندان سان گڏ آهن.”
ڊيلسي روڊريگيز چيو ته بچاءَ واريون ٽيمون متاثر ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته آمريڪا، ڊومينيڪن ريپبلڪ، ايل سلواڊور، ميڪسيڪو ۽ قطر طرفان امدادي سهڪار موڪليو پيو وڃي.
آمريڪا جو ردعمل
هي آفت ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران جنوري ۾ صدر نيڪولس مادورو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ وينزويلا ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نئين مرحلي جي شروعات ٿي آهي.
ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي لکيو: “وينزويلا جي عظيم عوام کي لڳندڙ اهي ٻئي وڏا زلزلا انتهائي تباهه ڪندڙ آهن ۽ وڏي انگ ۾ جانيون ضايع ٿيون آهن.” هن وڌيڪ چيو: “آمريڪا هر ممڪن مدد ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو