لاهور: (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ بابر اعظم کي پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. سليڪشن ڪميٽي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شان مسعود، امام الحق، اذان اويس، عبدالله فضل، سلمان علي آغا، غازي غوري، محمد رضوان، ساجد خان، علي عثمان، عامر جمال، محمد علي، محمد عباس، عبيد شاهه، اويس ظفر ۽ خرم شهزاد شامل آهن. مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل فٽنيس مسئلن جي ڪري اسڪواڊ جو حصو ناهي. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم دوري جي شروعات ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ ميچن سان ڪندي، قومي ٽيم 18 جولاءِ تي ٽرائوبا ۾ وارم اپ (صلاحيتي) ميچ کيڏندي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 جولاءِ تائين ٽرائوبا ۾ کيڏي ويندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو آهي ته مان ۽ اسد شفيق 18 مهينن کان سنيئر سيلڪشن ڪميٽي ۾ آهيون، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي شامل ٿئي 6 مهينا ٿيا آهن. هن چيو آهي ته 3 فارميٽ آهن ۽ توهان کي ڏسڻو پوندو آهي ته ڪهڙي فارميٽ ۾ توهان جي ڪارڪردگي (پرفارمنس) ڪهڙي آهي.










