پاڪستان کي ويسٽ انڊيز بدترين شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن (م ڊ) پاڪستان کي ويسٽ انڊيز 7 وڪيٽن تان هارائي ميچ کٽي ورتي. پاڪستان 21.4 اوورز ۾ 105 رنسون ٺاهيون ۽ ويسٽ انڊيز 13.4 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي. ويسٽ انڊيز جا ٽئي ٽاپ آرڊر بيٽسمين عامر جو شڪار بڻيا. ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. وهاب رياض ۽ عامر جي لاٽري لڳي وئي ٻئي ٽيم ۾ شامل. پاڪستان جو اوپنر امام الحق 17 جي مجموعي اسڪور تي ٽئين اوور ۾ شيلڊن ڪوٽريل جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو هن 15 بالن تي 2 رنز ٺاهيون. جڏهن ته فخر 27 بالن تي 22 رنز ٺاهيون، کيس رسل بولڊ .ڪري ڇڏيو. حارث سهيل 8 رنز تي رسل جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو بابر کي 12 رنز تي ان وقت نئين زندگي ملي جڏهن سندس ڪيچ ڊراپ ٿيو. هو47 بال کيڏڻ بعد 22 رنز ٺاهي ثومس جي بال تي پويلين موٽيو. ڪپتان سرفراز 34 بالن تي 8 رنز ٺاهي هولڊر جي بال تي هوپ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. هولڊر وسيم کي به هڪ رن تي آئوٽ ڪيو سندس ڪيچ ڪرس گيل پڪڙيو. شاداب زيرو تي ٿومس جو ايل بي ڊبليو شڪار بڻيو. حسن علي هڪ رن تي هولڊر جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. حفيظ . .36 بالن تي 16 رنز ٺاهي ٿومس جي بال تي ڪوٽريل هٿان ڪيچ ٿي ويو وهاب رياض 19 بالن تي 18 رنسون ٺاهي ٿومس هٿان بولڊ ٿي آخري وڪٽ وڃائي. 105اهڙي ريت پاڪستان 21.4 اوورز ۾ 105 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان اٿندي ئي هاءِ اسڪورنگ پچز تي لو اسڪور جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو