وياج جي شرح 21 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

وياج جي شرح 21 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي سود جي شرح 21 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسٽيٽ بينڪ جي بيان موجب اپريل ۽ مئي جي مهانگائي جا انگ اکر توقعن مطابق آهن، مهانگائي جا امڪان گهٽجي رهيا آهن.بيان موجب سخت مانيٽري پاليسي سبب گهرو طلب دٻاءُ ۾ رهندي.اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان موجب جون کان مهانگائي گهٽجڻ شروع ٿي ويندي، عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار رهندو.بيان موجب مارچ کان اپريل دوران ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس مثبت رهيو، جنهن سبب پرڏيهي مٽاسٽا تي دٻاءُ گهٽ ٿيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان موجب مالي سال 2023ع ۾ قومي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ معمولي گهٽتائي جو اشارو آهي.بيان موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي سود جي شرح ۾ واڌ جي اثرن جو جائزو ورتو.اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب موجوده شرح سود مهانگائي جي اميدن کي وچولي مدي جي هدفن تائين آڻڻ لاءِ درست آهي، معاشي صورتحال جو جائزو مقامي غير يقيني صورتحال ۽ ٻاهرين ڪمزورين کي حل ڪرڻ سان مشروط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو