وياج خورن  جو آزار، ڳوٺاڻن جو احتجاج

وياج خورن جو آزار، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جوهي(ن سنڌيار )جوهي تعلقي ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي وياجين ڪيترائي خاندان تباھ ڪري ڇڏيا ,وياجين جي آزار کان ڳوٺاڻا جوهي پريس ڪلب پهچي ويا, ڳوٺ شھمير گاڏھي واسي اعجاز گاڏھي, جمن گاڏھي, علي گل گاڏھي جوهي پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي الزام هڻندي چيو ته اسان جي ڀاء محبوب گاڏھي وياجين کان پئسا کنيا وياج جا پئسا ادا ڪرڻ باوجود به وياجين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته ڪالھ وياجي گهر اچي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ پريشر سبب اسان جي ڀاء محبوب گاڏھي کي دل جو دورو ٿي پيو جنهن کي ڊاڪٽر ظهور شيخ ڏانهن کڻي وياسين هنن چيو ته وياج خور هاڻ اسان ڀائرن کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن روزي ڪرڻ به نٿا ڏين هر وقت هوٽل تي اچي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ايس ايس پي دادو سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته وياج خورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو