وياج جي لعنت سبب ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن؛ ڊپٽي ڪمشنر

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) ضلعي اندر هلندڙ وياج جي لعنت خلاف وڌندڙ شڪايتن ۽ واقعن بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور رحيم بخش ميتلو ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته شڪارپور جا ماڻهو وياج جي وڌندڙ لعنت سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. تازو ئي سلطان ڪوٽ ۾ هڪ پورهيت وياجين جي تنگ ڪرڻ سبب پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجائي ڇڏيو هو. هن چيو ته اهڙي قسم جا واقعا اسان جي معاشري لاءِ عبرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. هن چيو ته ڊي سي آفيس شڪارپور يا ايس ايس پي وٽ اهڙي ڪابه شڪايت آئي ته ان جو نوٽيس ورتو ويندو ۽ وياجين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته شيڊيول بئنڪن کان علاوه ڪنهن کي به قرض ڏيڻ جي اجازت نه آهي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد چيو ته ضلعي ۾ موٽر سائيڪل شورومن وارا وياج جو ڪاروبار سرعام ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن کي بنا گارنٽي ڏيڻ جي پڻ وياج تي موٽر سائيڪلون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اهي موٽر سائيڪلون اوڌر تي کڻندڙن جي نالي نه هونديون آهن ۽ اوڌر تي وٺندڙ موٽر سائيڪل ٻئي هنڌ کپائي وڃي ٿي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪاغذ نه ٺهيل هجڻ سبب وارداتن ۾ آسانيءَ سان استعمال ٿئي ٿي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ اهڙين موٽر سائيڪلن خلاف ڪاروائي ڪندي سيڪشن 550 ۾ اندر ڪري رهيا آهيون ۽ انهن مان خبر پئجي ويندي ته ڪهڙيون موٽر سائيڪلون وياج تي ورتيون ويون آهن. هن چيو ته 90 فيصد ڏوهه موٽر سائيڪلن ذريعي ٿي رهيا آهن. انڪري چيڪنگ وڌائي آهي ۽ اڻ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون پڪڙي رهيا آهيون. هن عوامناس کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون اڻ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون جلد رجسٽرڊ ڪرائن. هن چيو ته شڪارپور جي ماڻهن کي اطلاع ٿو ڏجي ته هو وياج خورن جي زيادتين ۽ ظلم خلاف شڪايتون درج ڪرائن ته انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته تعلقي ۽ يوسي ليول تي مصالحتي ڪميٽين کي سرگرم ڪيو ويندو. اهڙين ڪميٽين ۾ پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ جي چونڊيل نمائندن ۽ ان علائقي جي نيڪ مردن کي شامل ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي رضا انصاري کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو