ڏيڍ سيڪڙو واڌ بعد وياج جي شرح 13.75 سيڪڙو ٿي وئي

ڏيڍ سيڪڙو واڌ بعد وياج جي شرح 13.75 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وياج جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ وياج جي مجموعي شرح 13.75 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ ساڍي مهيني لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13.779 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان سان مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو