ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 02 فيصد اضافي سان نه رڳو مهانگائي ۽ قرض وڌندو بلڪه معيشت جو به ٻيڙو غرق ٿي ويندو، گردشي قرض750 ارب ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو، حڪمران پنهنجي روش سڌارڻ بدران عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، وياج واري معاشي نظام ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن جڏهن ته عوام مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ قرضن جي ڄار ۾ ڦاسي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، پر حڪمران ۽ اشرافيه توڙي مقتدر قوتون قوم ۽ ملڪ جي مفاد بدران پنهنجي مفادن جي نگهباني ۽ حڪمراني کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ مصروف آهن، پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي ٺاهيو ويو، پر اڄ اسان مٿان نااهل، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران مسلط ٿي چڪا آهن جن ڪلمي جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ ملڪ کي لَٽيو، ڦريو ۽ اسلامي قانون جو مذاق اڏائڻ سان گڏو گڏ هتي وياج وارو نظام لاڳو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران رٿيل ٻه روزه تربيتي ورڪشاپ کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته اسان جي زندگي جو اصل مقصد دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي، الله تعالى دنيا ۾ مال، دولت، اولاد ۽ ڪاروبار سميت ٻيون شيون پرڪشش بڻائي انسان کي وڏي آزمائش ۾ وڌو ته بندو دنيا جي لذتن ۾ مصروف ٿي هن جي مشن کي وساري ٿو يا آخرت جي ڪاميابي لاءِ الله جي ڌرتي مٿان الله جو نظام غالب ڪرڻ لاءِ سندس ٻڌايل هدايتن موجب حياتي گذاري ٿو. جماعت اسلامي جي دعوت عظيم ۽ وڏي جدوجهد جو نالو آهي، ڪراچيءَ ۾ نعمت الله خان، عبدالستار افغاني جهڙن بزرگن جي محنتن جو ثمر آهي جو حافظ نعيم الرحمن جي قيادت ۾ مڪاني چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي هاڻي ٻهراڙي سنڌ ۾ به وڏيرا شاهي، سرداري نظام ۽ ڪرپٽ افسر شاهي خلاف جدوجهد لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ جو وقت اچي ويو آهي، جماعت اسلامي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ان عظيم مشن لاءِ تيار رهن ڇو ته بار بار آزمايل سياستدانن سنڌ جي عوام کي ناقص حڪمراني، بُک، بدحالي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو، حڪمرانن جي ناڪامين خلاف هاڻي قوم کي سجاڳ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته هو وڏيرن جي کوکلن نعرن جي جادو مان نڪري ظلم خلاف جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين ته جيئن ملڪ حقيقي معنى ۾ ترقي ۽ عوام جي مڙني مسئلن جو حل ۽ سندن مستقبل محفوظ ٿي سگهي.تربيتي اجتماع کي مولانا عطاالرحمان، مولانا آفتاب ملڪ، مُفتي عرفان عادل پڻ خطاب ڪيو.#










