ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻن عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو آهي ته ووٽ جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو ته ملڪ ۾ تمام وڏي تحريڪ شروع ٿي ويندي،هنن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هڻندڙ تمام جلد رڳو مون کي عزت ڏيو جا نعرا هڻندو، ماڻهو ووٽ کي عزت ڏيندا ته نواز شريف وزيراعظم نه بڻجي سگهندو،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجز ڌامراهه چيو ته نون ليگ جي سرڪار پاران ٿر جي ڪوئلي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٿرڪول منصوبي جو افتتاح شهيد بينظير ڀٽو ڪيو هو،هن چيو ته خدشو اهو آهي ته هر صورت ۾ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ هي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي تي سمجهوتو ڪري رهيا آهن، اين ايف سي مان رڳو سنڌ نه پر ٻين صوبن کي به پئسا ملي رهيا آهن










