ووٽ جي اهميت اجاگر ڪرڻ ۽ ڪرپشن خلاف ڌار ڌار جلوس

ڪنڌ ڪوٽ (غالب بلوچ) شهر ۾ خميس تي سرڪاري سرپرستي ۾ ٻه ڌار ڌار جلوس ڪڍيا ويا. هڪ جو مقصد ووٽ جي اهميت اجاگر ڪرڻ ۽ ٻئي جلوس جو مقصد ڪرپشن کي روڪڻ هو. اليڪشن ڪميشن ضلع ڪشمور پاران ووٽ جي اھميت جي حوالي سان آگاھي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي جنھن جي قيادت ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيسر آغا توفيق احمد، ديدار احمد چنا، محمد اڪرم ڪمبوهه. احمد بخش چنا. ڊاڪٽر وويڪ ڪمار جي اڳواڻي ۾ لابئريري چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ھن موقعي تي اليڪشن ڪميشن آفيسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ووٽ جي آگاھي لاء ڪشمور ۾ 42 ڪنڌ ڪوٽ ۾ 26  ۽ تنگواڻي تعلقي ۾ 29 سينٽر قائيم ڪيا ويا آھن جتي ووٽرن پنھنجا ووٽ داخل ڪرائين اتي وڃي پنھنجي ووٽ جي معلومات وٺي درستگي ڪرائين. ھنن چيو ته ووٽر لسٽون 2012 ع جون آھن جنھن ۾ ووٽر سينٽرن تي وڃي ووٽ لسٽون چيڪ ڪن ۽ پنھنجا ووٽ داخل ڪرائين ٻئي طرف ڪرپشن کان پاڪ ادارا ۽ ڪرپشن خلاف جھاد ريلي ايس.ڊي.ايم ڪنڌڪوٽ ڪاڪل چنه ۽ اينٽي ڪرپشن ڪشمورضلع جي سرڪل آفيسر شاھد بشير کوسو جي قيادت ۾ ڊي.سي آفيس کان گھنٽاگھر چوڪ تائين ڪڍي وئي.

فوٽو سنڌيار

جنھن ۾ سرڪاري آفيسرن.ملازمن ۽ شھرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.ان موقعي تي شھرين ۾ ھينڊ بل پڻ ورھايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو