بدين(ن سنڌيار) وولٽيج وڌڻ سبب بيڪري کي باهه لکين رپين جو نقصان متاثر مالڪ ۽ واپارين جو احتجاج مالي مدد جي گهرتفصيل موجب بدين شهر جي شاهنواز چوڪ ڀرسان ميرواهه جي پراڻي ڀڏي تي اچانڪ بجلي جا وولٽيج وڌڻ سبب اشتياق ميمڻ جي بيڪري کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب بيڪري ۾ پيل فرج کاڌي پيتي ڪولڊ ڊرنڪس جو سامان سڙي رک ٿي ويو شهرين مڙسي ڪري باهه وسائي باقي مارڪيٽ کي سڙڻ کان بچائي ورتو ان ڏس ۾ واپارين تاجر اتحاد جي اڳواڻ اڪبر ميمڻ ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر سليمان ميمڻ خالد عزيز عباسي صالح ميمڻ جي اڳواڻي ۾ متاثر بيڪري مالڪ اشتياق ميمڻ سان گڏجي شاهنواز چوڪ تي حيسڪو خلاف ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هنن چيو ته حيسڪو جي لاپرواهي سبب غريب بيڪري واري جو ست لک رپيا کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي بيروزگار ٿي ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو جا اعلي عملدار غريب بيڪري جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ڏين ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو واپارين سخت احتجاج بعد ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح احتجاج واري هنڌ پهتو واپاري اڳواڻن يقين ڏياريو ته بيڪري مالڪ جي ٿيل نقصان جي ازالي لسرڪار ي طرح مالي سهائتا سان گڏ جيڪڏهن شهرين ۽ واپارين چندي واري مهم شروع ڪئي ته ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو جنهن تي احتجاج ختم ڪيو ويو










