ولو مهر، ڀيٽور،عادلپور ۽ جهانپور ۾ جهيڙا، سب انسپيڪٽرگرفتار

ميرپور ماٿيلو/خانپور مهر/ گهوٽڪي(نمائندن وٽان) ڀيٽور، جهانپور ۽ ولو مهر ۾ جهيڙن جا اطلاع آهن. ولو مهر ۾ پولنگ جو عمل ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو بعد ۾ رينجرز جي اضافي نفري طلب ڪري صورتحال تي ضابطو آندو ويو. عادلپور جي پولنگ علي شير ڪلوڙ تي پيپلزپارٽي ۽ آزاد اميدوار جي حمايتن ۾ جهيڙو اڌ ڪلاڪ تائين پولنگ بند پوليس احمد علي مهر جي حمايتي وڏيرو شڪرالدين ڪلوڙ کي گرفتار ڪري کڻي وئي. گهوٽڪي شهر جي رحمووالي مان آزاد اميدوار کي ووٽ ڏيارڻ ۽ ڌانڌلي جي الزام ۾ سب انسپيڪٽرعبدالخالق شاهه کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آهي. راجا مهر جي قافلي ۾ شامل گاڏين مان ڏنڊا ۽ لٺيون برآمد ٿيون آهن. جروار لڳ ڳوٺ محمد علي بوزدار جي پولنگ ۾ حليم عادل داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کيس روڪيو جنهن تان سندس پوليس سان منهن ماري ٿي پر پوليس کيس پولنگ ۾ وڃڻ نه ڏنو.

ڀيٽور ۾ جهيڙي جا زخمي

خانپور ڀرسان پولنگ اسٽيشن ٻاهران ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران پيءُ پُٽ زخمي ٿي پيا. يوسي ڀيٽور جي پولنگ اسٽيشن پرائمري اسڪول ڀيٽور ٻاهران ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران استاد اُميد علي مهر ۽ سندس پُٽ زخمي ٿي پيا. اُميد علي مهر جو چوڻ آهي ته هو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر موٽيو ته ڪجهه ماڻهن مٿس حملو ڪري ڏنو، اُن دوران سندس پُٽ به زخمي ٿي پيو. جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي ڌُرين کي ڇڏائي ورتو. اُميد علي مهر جو چوڻ آهي ته رموجا پاڙي سان واسطو رکندڙ مهر برادري جي ماڻهن مٿس حملو ڪيو آهي، اُنهن سان سندن پُراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي. جهانپور پولنگ اسٽيشن ٻاهران مردن کي عورتن جي پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي جهيڙو ٿي پيو، عرفان علي ۽ حميد کوکر زخمي ٿي پيا. پولنگ اسٽيشن ٻاهران موجود پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو. جڏهن ته ٻن ڄڻن زبير ۽ عنايت ملهڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پولنگ اسٽيشن ٻاهران ملهڻ ۽ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو