ولاديمير پوتن پنجون ڀيرو روس جو صدر چونڊجي ويو

ولاديمير پوتن پنجون ڀيرو روس جو صدر چونڊجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)روس جي چونڊن ۾ صدر ولاديمير پوتن پنجون ڀيرو صدارتي چونڊ وڏي اڪثريت سان کٽي ورتي آهي. سوويت يونين بعد هن کي پهريون ڀيرو ايڏي وڏي اڪثريت ملي آهي ۽ هن نتيجن موجب 87.8 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن. ٽن ڏينهن جي چونڊ عمل جو نتيجو آچر تي پڌرو ڪيو ويو. صدر پيوتن پنهنجي قوم کي خطاب ۾ روسي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته روس جو عوام متحد آهي ۽ يوڪرين تي حملو هجي يا مغربي ملڪن خلاف روس جون پاليسيون، هن چونڊ عمل سندس فيصلن جي تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته روس ۾ جمهوريت آمريڪا کان وڌيڪ مضبوط آهي، آمريڪا ۾ ته 10 ڊالرن ۾ ووٽ وڪامبو آهي. 71 سالن جو پيوتن جيڪڏهن 6 سالن جي نئين مدت پوري ڪري ٿو ته اسٽالن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين روس جو حڪمران بڻجي ويندو. روس جي ڳجهي اداري ڪي جي بي ۾ ليفٽننٽ ڪرنل رهندڙ پيوتن 1999 ۾ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيو هو. روس ۾ چونڊن کا اڳ مختلف ادارن ايگزٽ پول جا جيڪي نتيجا ٻڌايا هئا ان موجب کيس 87 سيڪڙو ووٽ ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. آمريڪا، جرمني، برطانيا ۽ يوڪرين روس ۾ ٿيل چونڊن کي غير شفاف ۽ ڌانڌلي تي ٻڌل قرار ڏنو آهي. پيوتن جي ٽن مخالف اميدوارن 4 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽ حاصل ڪيا آهن. روسي صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته روس جي تاريخ آهي ته ڪڏهن به ڪنهن کيس جهڪايو ناهي ۽ مان وچڻ ٿو ڪريان ته ايندر وقت م به روس کي ڪير جهڪائي نه سگهندو، چاهي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي. هن روسي فوج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ يوڪرين م ڪاروائي جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

پهنجو تبصرو موڪليو