اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت وڏين شين سميت سڀني شين جي درآمد تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واپارين تي لڳل فڪس سيلز ٽيڪس به واپس ورتو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته بين الاقوامي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ امپورٽ تان پابندي هٽائڻ ضروري آهي ۽ آءِ ايم ايف به چاهي ٿو ته اسان امپورٽ تان لڳل پابندي تمام جلد ختم ڪريون.هن چيو ته اسان امپورٽ تي پابندي هنئي هئي پر هاڻي امپورٽ به اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي، آءِ ايم ايف جون جيترون شرطون هيون اسان پوريون ڪري ڇڏيون آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته چين ۽ ٻين دوست ملڪن تمام گهڻو سهڪار ڪيو آهي، ٻاهران ايندڙ مهانگين گاڏين تي سخت ڊيوٽي ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، پهرين کنڊ ۽ دال کي ترجيح ڏينداسين.










