وفاق لاڪ ڊائون نه ڪيو ته ڪورونا وائرس وڌندي، شاهه

وفاق لاڪ ڊائون نه ڪيو ته ڪورونا وائرس وڌندي، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا جِي پکيڙ ۾ اضافي کانپوءِ صوبي ۾ لاڳو پابندين ۾ ٻن هفتن جي واڌ، درگاهون، ڪاليجز ۽ اسڪولز مڪمل طور بند رهندا، شاپنگ مالز شام ڇهين وڳي بند ڪرڻا پوندا، هوٽلز ۽ ريسٽورٽنس کي ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي، انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر کڻڻ جي اجازت هوندي: ميڊيڪل اسٽور، اسپتالز، پيٽرول پمپس کليل رهندا، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عيد الفطر دوران ايس اوپيز نظر انداز ٿيڻ سبب مثبت ڪيسن جي شرح 4 ڏهائي 3 سيڪڙو مان وڌي 8 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي، صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پابنديون برقرار رکڻ تي اتفاق ٿيو، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي تجويزن کي نظر انداز ڪيو، احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا جي پکيڙ وڌي ويندي: ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ کي 91 واري ٺاهه موجب حصي جو پاڻي نه پيو ملي، وفاقي وزير عجيب بيان ڏئي سنڌ کي بلوچستان سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هڪ صوبي کي سرسبز ڪري ٻئي کي بنجر بڻائڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو