حيدرآباد (پ_ر)غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ پاران 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. وفاقي سرڪار سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪو بہ پلان ناھي جوڙيو ويو. حڪومتي دعوائون ڪوڙيون آھن. سنڌ ۾ افغانين سميت 40 لک کان وڌيڪ غيرقانوني غير ملڪي رھن ٿا. ڊيڊ لائن اڄ پوري ٿيندي. سنڌ مان ڪو بہ افغاني بي دخل ناھي ڪيو ويو. رشوت عيوض غير قانوني غير ملڪين کي رھايو ويو آھي. غير قانوني افغاني ملڪ لاءِ خطرو آھن. حڪومت ڌارين جي نيڪالي لاءِ عملي قدم کڻي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيارمرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو ۽ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آھي تہ حڪومت ڊيڊ لائين اڄ (31) آڪٽوبر تي پوري ٿي آھي، پر سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪو بہ لائہ عمل ناھي جوڙيو ويو. ھن وقت بہ سنڌ ۾ 40 لک کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪي رھن ٿا. ھنن چيو تہ افغانين سميت غيرقانوني غير ملڪين جو وڏو انگ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رھي ٿو. غير قانوني غير ملڪي پاڪستان جي وجود لاءِ خطرو آھن. افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي بي پناھ آبادي سبب ڪراچي شھر جي ڊيموگرافي تبديل ٿي وئي آھي. ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪراچي کي ڪابل بڻايو پيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو تہ افغانين جي واپسي جا مخالف سنڌ جي وجود ميسارڻ جي سازش ۾ شريڪ آھن. سنڌ جي دل ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي رھائي سنڌين کي سوڙھو ڪرڻ جي سالن کان پراڻي سامراجي منصوبي خلاف سنڌ جو عوام جدوجھد ڪندو رھيو آھي. عوامي تحريڪ طرفان 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ ھزارين مردن ۽ عورتن جي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.










