اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري وفاقي گهرو وزارت جي درخواست رد ڪندي قومي ۽ صوبائي تڪن تي ضمني چونڊون 16 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي ۽ صوبائي تڪن تي ضمني چونڊون 16 آڪٽوبر تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اين اي 45 ضلعي جي ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي نه ٿيندي.ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿينديون.










