ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير دفاع خواجه آصف پنهنجي ٽيمن سان گڏ پيٽروليم امپورٽ بلن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ توانائي بچت واري روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪي 2022ع ۾ 80 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. اجلاس ٽرمينل 1 جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت جي وفد پاران صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس وزير عبدالواسع، پيٽروليم بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سيڪريٽري پاور راشد لنگڙيال، NEECA جو نمائندو سردار معظم شامل ٿيا جڏهن ته صوبائي حڪومت پاران وڏي وزير جي معاونت لاءِ صوبائي وزير امتياز شيخ، سعيد غني، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر مدني شامل هئا. وفاقي وزير خواجه آصف وڏي وزير کي ٻڌايو ته آڪٽوبر 2022ع ۾ توانائي جي بچت لاءِ مختلف اُپاءُ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيا ويا. خواجا آصف چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل قدمن لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن تي ڪميٽي توانائي جي بچت جي امڪاني قدمن جي نشاندهي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنج اجلاس ڪيا. ڪميٽي جي سفارشن موجب وفاقي وزير دفاع چيو ته جيڪڏهن 20 سيڪڙو عملي کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهر مان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ساليانو 56 ارب رپيا بچندا ۽ جيڪڏهن ڪمرشل مارڪيٽون رات جو 8 وڳي بند ڪيون وڃن ته ساليانو 56 ارب رپيا بچائي سگهبا جڏهن ته اسٽريٽ لائيٽن جي متبادل سوئچنگ جو جائزو ورتو وڃي ته ساليانو 4.5 ارب رپيا بچندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دوري تي آيل وفاقي حڪومت جي ٽيم جا ٿورا مڃيندي روڊ ميپ بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته توانائي پيداوار جي هڪ يونٽ بدران توانائي جو هڪ يونٽ بچائڻ سستو عمل آهي. هن حقيقت کي محسوس ڪندي ته توانائي جي ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ بچت ڪرڻ ملڪ جي توانائي واري شعبي جي مضبوط ڪرڻ لاء سڀ کان آسان ۽ گهٽ لاڳت وارن طريقن مان هڪ آهي. وڏي وزير چيو ته مجموعي طور سنڌ صوبو ۽ سندس شهري مرڪز خاص طور تي ڪراچي ۾ معيشت جي اهم شعبن جهڙوڪ صنعت، تعميرات، ٽرانسپورٽ، توانائي، بجلي ۽ پيٽروليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ توانائيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته لاڀائتي صلاحيتون سنڌ کي قومي سطح تي EE&C جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته سندس حڪومت، فيڊرل NEECA ايڪٽ 2016ع جي شقن تي عمل ڪندي تازو NEECA ايڪٽ جي شقن تي مناسب رابطن، سهولتڪاري ۽ عملدرآمد لاءِ ”سنڌ انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن ايجنسي“ نالي هڪ فل ٽائم ايجنسي قائم ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سرڪاري عمارتن ۾ ڏينهن جي وقت بجلي جي ضرورت کي محسوس ڪندي سنڌ صوبو هيستائين 265 صحت جي مرڪزن کي سولرائز ڪيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي منصوبن ذريعي اسڪولن، اسپتالن، واٽر پمپنگ اسٽيشنن ۽ جيلن کي سولر ڪيو ويندو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ان سان نيشنل گرڊ جي بجلي تي اسان جو دارومدار گهٽجي ويو آهي. اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن خاص ڪري واپارين، صنعتڪارن، ريسٽورنٽ مالڪن ۽ ٻين کي پنهنجي پنهنجي پاران وزيراعظم ۽ وڏو وزير اعتماد ۾ وٺندا ته جيئن سندن تعاون کي يقيني بڻائي سگهجي.










