وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ردوبدل، اطلاعات مان فواد فارغ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن جي ڪارڪردگي تي مايوسي ظاهر ڪندي ڪيترن ئي وزيرن جا کاتا تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اعجاز احمد شاهه کي وزير داخله مقرر ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير داخلا شهريار آفريدي کي سرحدي معاملن جو وزير بنايو ويو آهي. فواد چوڌري کان اطلاعات کاتو واپس وٺي کيس سائنس ۽ ٽيڪنالوجي، جو کاتو ڏنو ويو آهي. سندس جاءِ تي فردوس عاشق اعواڻ کي وزيراعظم جو خصوصي معاون مقرر ڪيو ويو آهي. اسد عمر جي استعيفيٰ کانپوءِ عبدالحفيظ شيخ کي مشير خزانه مقرر ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان کي شهري هوا بازي جو کاتو ڏنو آهي. اهو کاتو اڳ ۾ محمد ميان سومرو وٽ اضافي چارج ۾ هو، هن کان اهو کاتو واپس ورتو ويو آهي، محمد ميان سومرو وٽ هاڻي نجڪاري جو کاتو هوندو. نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر ظفرالله مرزا صحت ۽ نديم بابر کي پيٽروليم بابت وزيراعظم جو خصوصي معاون مقرر ڪيو ويوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو