مريم جو نالو نه ڪڍڻ ۽ 89 دوائن جي قيمت گهٽائڻ جي منظوري

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ، 89 جان بچائيندڙ دوائن جي 15 سيڪڙو قيمت گهٽ ڪرڻ ۽ ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثرين لاءِ 67 ڪروڙ جي پيڪيج سميت اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه اطلاعات ۽ صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاونن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪابينا جي فيصلن بابت گڏيل بريفنگ دوران ٻڌائي. هنن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته جامع دواساز ڪمپنين بابت پاليسي ٺاهيون جيئن وڌيڪ دوائن جي قيمت گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏئي سگهجي. 20 نڪاتي ايجنڊا تي ڪابينا غور بعد پاڪستاني ڪشمير جي ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثرن جي مدد لاءِ پيڪيج جي به منظوري ڏني وئي. جنهن مطابق 13 هزار گهراڻن جي احساس پروگرام هيٺ مالي مدد ڪئي ويندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 7 لک ڪشميري ڪنٽرول لائن جي آس پاس رهن ٿا. فردوس عاشق اعوان ٻڌايو ته گهرو وزارت جي سمري ۾ 24 نالا اي سي ايل ۾ داخل ۽ خارج ڪرڻ بابت سفارش ڪئي وئي. عدالتي حڪم تي نواز شريف جو نالو خارج ڪرڻ ۽ مريم جو برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ڪابينا 4 نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ، 8 خارج ڪرڻ ٻين بابت فيصلو موخر ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڪابينا اسپورٽس بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي 11 رڪني بورڊ منظور ڪيو، اڳ ۾ بورڊ جنجال پوره بڻيل هو. ڪابينا پوليو جا ڦڙا پياريندڙن جي آڱر تي نشان واري مس ڀارت کان گهرائڻ جي منظوري به ڏني. ڪابينا اقتصادي رابطه ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي پاڪستان ۾ ايگزم بئنڪ جي سربراهي عرفان بخاري کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا اسلام آباد ۾ ميونسپل ڪمن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي منظوري به ڏني جنهن جو سربراهه علي اعواڻ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو