اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ القادر ٽرسٽ ۽ فرح گوگي کي منتقل ڪيل زمين جي معاملي سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله الزام هنيو هو ته 458 ڪنال زمين القادر ٽرسٽ ۽ فرح گوگي کي منتقل ڪئي وئي، جڏهن ته اخبار دي نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته القادر ٽرسٽ القادر يونيورسٽي جي رٿابندي ڪئي. ان جو معتمد ان وقت جو وزيراعظم عمران خان هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته عمران خان جي زال بشرا بي بي، زلفي بخاري ۽ بابر اعواڻ به ٽرسٽي هئا، بعد ۾ زلفي بخاري ۽ بابر اعواڻ کي هٽايو ويو ۽ بشرا بي بي جي دوست فرح گوگي کي به ٽرسٽي بڻايو ويو. هڪ پراپرٽي ٽائيڪون يونيورسٽي ٺهڻ لاءِ جهلم جي تعلقي سوهاوا جي موضع بڪرالا ۾ 458 ڪنال زمين ٽرسٽ کي ڏني. زمين حاصل ڪرڻ جو معاهدو عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي ڪيو. صرف 37 شاگردن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي جڏهن ته ان کي صرف 2021 ۾ 18 ڪروڙ رپيا عطيا مليا.










