وفاقي وزير جي ڀل، زال جو پاسپورٽ کڻي هوائي اڏي پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي نئين انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي پئي جڏهن شهري هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان کي اميگريشن وارن روڪي ورتو. هن ترڪي جي دوري تي استنبول ويندڙ فلائٽ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ جڏهن اميگريشن ڊيسڪ تي پاسپورٽ ڏنو ته عملي کيس پڇيو ته اوهان جي گهرواري به اوهان سان گڏ آهي. هن چيو ته نه هو اڪيلو سفر ڪري رهيو آهي. جنهن تي عملي کيس چيو ته اوهان زال جو پاسپورٽ آندو آهي، اوهان جو ڪٿي آهي؟. هن کلي چيو ته تڪڙ ۾ ڀل ٿي وئي آهي. هن پنهنجي پروٽوڪول وارن کي فون ڪري تڪڙ ۾ پاسپورٽ گهرائي ورتو ۽ ساڳئي فلائٽ ۾ روانو ٿي ويو. ياد رهي ته گذريل سال ڪراچي کان اسلام آباد ايندي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل جهاز جي باٿ روم ۾ ڪري پيو هو ۽ کيس نرذ ۾ ڌڪ لڳو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو