ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، مڪاني کاتي ۽ مذهبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سياسي ناڪامين کانپوءِ ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس جي اهم ۽ قابل پوليس آفيسرن جون بدليون هنن جي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال خراب ٿي ته ذميوار وفاقي حڪومت هوندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي چاهن ٿا ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وانگر سنڌ پوليس به هنن جي غلامي ڪري. وفاق صوبن کي مضبوط ڪندو آهي هي عجيب ۽ ذهني غريب حڪمران آهن جيڪي ڪمزور ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس سميت اهم آفيسرن کي بغير ڪنهن سبب جي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي . آءِ جي جي بدلي نه ٿي سگهي ته هاڻي ڪيترن ئي اهم آفيسرن کي بغير ڪنهن سبب جي بدلي ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته پوليس جا بهترين آفيسر هنن کان برداشت نه ٿا ٿين. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت انهن سڀني پوليس آفيسرن سان گڏ آهي. جيڪي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ايمانداري سان ڪن ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته گورنر سنڌ جي آءِ جي سنڌ خلاف پريس ڪانفرنس مان واضح ٿي چڪو آهي ته پي ٽي آءِ ڇا ٿي چاهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي چاهن ٿا ته هنن جا لينڊ گريبرز قانون جي خلاف ورزي به ڪن ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا به نه ڪئي وڃي. هوڏانهن سيد ناصر شاهه بعد ۾ نشتر پارڪ ۾ جشن مولود ڪعبه علي ابن ابو طالب عليه السلام جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل محفل ميلاد ۾ شرڪت ڪئي. محفل ميلاد ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي وقار مهدي سميت سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالم پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي مختصر خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورا گلدستي وانگر هتي موجود آهن. هي اتحاد ۽ وحدت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سموري عالم اسلام کي مولا علي عليه السلام جي ولادت جون مبارڪون پيش ڪيان ٿو. اها اسان جي عبادت آهي ته اهڙي پر نور محفل ۾ حاضري ٿي آهي، منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي. محفل ميلاد جي آخر ۾ اسڪائوٽس پاران سلامي ڏني وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.










