وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪم اڄ 21 اپريل تي معطل رهندو

وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪم اڄ 21 اپريل تي معطل رهندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ 21 اپريل تي عدالتي ڪم معطل رهندو. وفاقي آئيني عدالت جي اعلان موجب، ريڊ زون جي بندش جي ڪري اسلام آباد ۾ ڪا به ٻڌڻي نه ٿيندي.
اعلان موجب، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي هدايتن تي هڪ ڏينهن جي عدالتي موڪل هوندي. 21 اپريل لاءِ وفاقي آئيني عدالت جي ڪاز لسٽ منسوخ ڪئي وئي آهي، ڪا به عدالتي ڪارروائي نه ٿيندي.
اعلان موجب، عدالتي عملو گهر کان ڪم ڪندو رهندو، عدالتي آفيسر پنهنجي عهدن تي رهندا، جڏهن ته، عدالتي ۽ انتظامي معاملن لاءِ برانچ رجسٽريون کليل رهنديون.
ٻئي طرف، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب، ريڊ زون جي بندش جي ڪري 21 اپريل تي به هاءِ ڪورٽ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو