اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف داخل درخواستون ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب، “باني پي ٽي آئي رهائي فورس” خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي 29 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 9 مئي جا ڪيس واپس وٺڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي به 29 جولاءِ تي ڪئي ويندي. آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بئنچ ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت خيبرپختونخوا حڪومت سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته آئيني عدالت 9 مئي جي ڪيسن جي واپسي تي اڳ ئي حڪمِ امتناع (اسٽي آرڊر) جاري ڪري رکيو آهي. واضح رهي ته ريڊيو پاڪستان پاران پشاور ۾ حملي جو ڪيس واپس وٺڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو، ۽ ريڊيو پاڪستان درخواست ۾ اهو ڪيس خيبرپختونخوا مان ڪنهن ٻئي صوبي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.










