وطن جي حفاظت ڪندڙ سمجهدار آهن، ريمارڪس سان تڪليف ٿي،تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ نالو کڻڻ بنا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني تي تنقيد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اغوا ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي عدالت طلبي جي ڳالهه جج جو مينڊيٽ ناهي، آئين ۾ ادارن جي اختيارن جي استعمال جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن، بچاءَ واري وزارت چئي چڪي آهي ته احمد فرهاد انهن وٽ ناهي. هن چيو ته عدالتي ريمارڪس سان تڪليف ٿي، احمد فرهاد جي اغوا سنجيده معاملو آهي، وقت آهي ته سڀ گڏ ويهن ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃن. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج پنهنجي حدن ۾ رهي ئي ڪم ڪندي آهي، وطن جي حفاظت ڪندڙ سمجهدار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو