وزير اعلي سنڌ نا اھل آھي ھن کي به غريب سان ھمدردي ناھي:قادر

وزير اعلي سنڌ نا اھل آھي ھن کي به غريب سان ھمدردي ناھي:قادر

نواب شاھ (ن س)ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي نواب شاھ جي لائين پار واري علائقي۾ مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو جي رھائش گاھ پھچي مھينو اڳ لاڏاڻو ڪري ويل چاچي خان محمد ڪيريو جي تعزيت ڪئي ان موقع تي ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو جيڪڏھن برسات جا قدرتي لنگھ بند نه ھجن ھا انھن قدرتي گذرگاه کليل ھجن ھا ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا نه ٿئي ھا ۽ لکين سند سنڌ واسي درپدر بي يارو مددگار نه بڻيل ھجن ھا ھن چيو ته وزير اعلي سنڌ نا اھل آھي ھن کي به غريب سان ھمدردي ناھي سنڌ حڪومت کي ٻاھرين ملڪن مان ڪروڙين ملين امداد ملي آھي سمجھ نه ٿو اچي آھي پيسا ڪاڏي ويا ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي برسات بند ٿي وئي پر اڃان تائين غريب مسڪين کليل آسمان ھيٺ روڊن تي ويٺل آھن مڇرن جي ڪري مليريا ، ڊائريا ۽ چمڙي جون بيماريون بخار ۽ کھوڙ ساريون بيمارين ۾ غريب ماڻھون مري رھيا آھن ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته برسات متاثرن لاء ڪراچي ۾ بينظير جي نالي سان شھر اڏڻ گھرجي جتي سنڌ مان آيل متاثر ان شھر کي آباد ڪن ۽ روزگار ڪري سگھن، ان موقعي شاھنواز ڪيريو ، سيد رستم شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو