ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن ۾ پولنگ جو عمل پرامن طور تي جاري آهي، سمورن وزيرن جي تڪن ۾ وڃڻ تي مڪمل پابندي آهي.اعجاز انور چوهاڻ چيو ته پولنگ جا سمورا انتظام مڪمل آهن، هن وقت تائين ڪٿي به ڪا شڪايت نه آئي آهي.هن چيو ته تڪبندين ۾ پوليس جو وڏو انگ موجود آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم آهن.










