پشاور (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.دته خيل ضلعي جي عام علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان انٽيليجنس جي آڌار تي آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران فائرنگ سبب 6 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ آيو آهي، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي مقامي ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي رد عمل جي تعريف ڪئي ۽ علائقي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو پڻ اظهار ڪيو.










