سي ٽي ڊي جي ٽيم تي دهشتگردن جو حملو، 7 جوابدار مارجي ويا

سي ٽي ڊي جي ٽيم تي دهشتگردن جو حملو، 7 جوابدار مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ٽيم تي حملي ۾ 3 شڪي مارجي ويا، سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد به مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه مان جوابدارن کي کڻي ويندڙ اسڪواڊ تي دهشتگردن حملو ڪيو.ترجمان موجب دهشتگردن جا ڪجهه ساٿي رات جي اونداهي ۾ فرار ٿي ويا، اهو واقعو گذريل رات مير علي بائي پاس وٽ پيش آيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس تي دستي بم حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا، دهشتگردن وٽان 4 شارٽ مشين گنون، ڪارتوس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد پنهنجي ساٿين کي بچائڻ چاهين پيا، مارجي ويل دهشتگرد ڪينٽ ٿاڻي تي دستي بم حملي ۽ ڪانسٽيبل افتخار جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي ڳري فوج علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو