ڪنڌ ڪوٽ (غالب بلوچ) ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاهه جي قيادت ۾ ڪچي جي دراني مھر ۽ ڪچو ڪيٽي ٿاڻن جي مختلف علائقن ۾ جاري پوليس آپريشن دوران ھڪ مغوي کي بازياب ڪرائي 3 ڄڻن علي حسن بنگلاني، اختيار احمدسندراڻي ۽ شھزادو سندراڻي کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته بازياب ٿيل وزيرستان جو رہائشي نعمت اللہ ولد محمد زئي پٺاڻ آهي جنھن کي ڪجھ ڏينھن عورتاڻي آواز ۾ گھرائي اغوا ڪيو ويو ھو. ايس ايس پي سيد اسد رضا شاھ چيو ته ڏوھارين خلاف آپريشن جاري رھندو ۽ ڌاڙيلن جي جڙ مان پاڙ پٽي ويندي.










