وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سعودي عرب پهچي ويا، نيول ڪمانڊر جو اعلان

وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سعودي عرب پهچي ويا، نيول ڪمانڊر جو اعلان

اسلام آباد( بيورو رپورٽ)پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب پهچي ويا آهن. ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو هو ته 6 کان 8 آگسٽ تائين سعودي عرب جو دورو ڪندا، پاڪستان جي پرڏيهي آفيس خميس ڏينهن اها ڄاڻ ڏني.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو، “جيتوڻيڪ هي دورو خليج ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ ٿي رهيو آهي، پر ان جي اهميت رڳو موجوده بحران يا مختصر مدي وارن معاملن تائين محدود نه هوندي.”
هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ثالثي جون ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن جا اثر سعودي عرب سميت خليجي ملڪن تائين به پهتا آهن.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت عمان جي ڪردار کي پڻ ساراهيندي چيو ته هرمز واري معاملي جي حل ۾ عمان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت جي سعودي عرب پهچڻ واري ڏينهن ئي قائم ڪيل گھڻ قومي سامونڊي دفاعي اتحاد جي ڪمانڊر جو اعلان ڪيو ويو آهي. اتحاد جي نئين مقرر ڪيل ڪمانڊر ريئر ايڊمرل عبدالله بن سالم الشهري خميس ڏينهن چيو ته رياض ۾ اتحاد جي باني اجلاس کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شموليت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ملڪ اندروني قانوني ۽ انتظامي ڪارروائيون مڪمل ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن اتحاد ۾ باضابطه طور شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ملڪ به جلد شامل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. سعودي پريس ايجنسي موجب، الشهري چيو ته اتحاد جي رڪنيت انهن سڀني ملڪن لاءِ کليل آهي، جيڪي ان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.
هن وڌيڪ چيو، “سعودي عرب طرفان اتحاد جي باني اجلاس ۾ 43 ملڪن جي ميزباني ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته عالمي برادري ان ڳالهه تي متفق آهي ته بين الاقوامي سامونڊي گذرگاهن جي سلامتي گڏيل ذميواري آهي.”
هي اتحاد ڳاڙهي سمنڊ، باب المندب جي آبنائي ۽ خليج عدن ۾ عالمي سامونڊي واپاري رستن جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو