وزيراعظم ۽ خواجا سعد جي پروڊڪشن آرڊر خلاف اپيل رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي، پروڊڪشن آرڊر خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ جڏهن شهباز شريف نيب حراست پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو ته پارليامينٽ اهڙا ضابطا نٿي ٺاهي سگهي جيڪي ڪنهن به قانون جي خلاف هجن، جن خلاف جاچ ٿي رهي آهي اهي پارليامينٽ ۾ اچن. پروڊڪشن آرڊر تي چيو ويو ته نيب پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجي خلاف جاچ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته توهان شهباز شريف ۽ خواجا سعد کي ڌر ڪيئن ٿا بڻائي سگهو، توهان جو حق نه ٿو بڻجي؟ هڪ دعويٰ. جنهن بعد عدالت شهباز شريف ۽ خواجا سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر خلاف اپيلن کي ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو