اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت خميس ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته ملڪ اندر مختلف حلقن جي مخالفت ۽ ڀارت پاران انڊس واٽرز معاهدي (IWT) کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ سبب پيدا ٿيل غيريقيني واري صورتحال سبب تڪراري ڪئنالن جي منصوبي کي في الحال روڪيو پيو وڃي، جيستائين گڏيل مفاد واري ڪائونسل (CCI) ۾ ان بابت صوبن ۾ اتفاق راءِ نٿي جڙي تيسين ڪا پيش رفت نه ٿيندي.15 فيبروري تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ڏکڻ پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پرجوش چولستان منصوبي جو افتتاح ڪيو هو، جنهن تي سنڌ ۾ سخت ردعمل آيو ۽ سنڌ اسيمبلي مان به مارچ ۾ ان خلاف هڪ متفقه ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو.گذريل ڪجهه مهينن کان ملڪ گير سطح تي سياسي پارٽين، جن ۾ حڪومتي اتحاد جي ساٿي پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) به شامل آهي، ۽ سنڌ جون قومپرست پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ وڪيلن ۽ سنڌ واسين پاران هن منصوبي خلاف احتجاج جاري آهن. خيرپور ۾ ٻبرلوءِ وٽ اڄ ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي ۽ هزارين هيوي ٽريفڪ واريون گاڏيون پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڏانهن ٽريفڪ معطل آهي. ان ئي تڪراري ماحول ۾، هڪ ڏينهن اڳ ڀارت سرحدون بند ڪري ڇڏيون، سفارتي لاڳاپا گهٽايا، ۽ تاريخ ۾ پهريون دفعو انڊس واٽرز معاهدي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بابت ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا پاران دعويٰ ڪئي وئي ته اهو پهلگام حملي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته انهن الزامن بابت ڪا به واضع يا ٺوس شاهدي پيش نه ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي پارٽين ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ ڀارت پاران دريائن بابت اعلانن تي تفصيلي غور ڪيو. هن چيو: “اڄ PPP ۽ PML-N جي گڏيل اجلاس ۾ اتفاق سان فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين CCI ۾ اتفاق راءِ سان ڪو حتمي فيصلو نه ٿئي، تيستائين ڪوبه نئون ڪئنال نه ٺاهيو ويندو ۽ وفاقي حڪومت اهو طئي ڪيو آهي ته صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ کان سواءِ ڪئنالن بابت ڪوبه اڳتي قدم نه کنيو ويندو.” وزيراعظم ٻڌايو ته گڏيل مفاد واري ڪائونسل جو اجلاس 2 مئي تي سڏايو پيو وڃي، جتي PPP ۽ PML-N جي فيصلي جي تائيد ۽ حمايت ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن PPP ۽ قوم جي خدشن ۽ شڪايتن کي غور سان ٻڌو ۽ اهم فيصلا ڪيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته CCI جي اجلاس ۾ نون ڪئنالن جي اڏاوت بابت اتفاق راءِ جڙڻ تائين نوان ڪئنال نه ٺاهڻ واري فيصلي جي تائيد ڪئي ويندي. هن چيو: “اسين اڄ ڪو نئون فيصلو نه پيا ڪريون، رڳو اها ڳالهه پڪ سان چئي رهيا آهيون ته بغير گڏيل اتفاق جي، نوان ڪئنال نه ٺهندا. مان CCI جي اجلاس لاءِ پراميد آهيان.” بلاول ڀارت جي اعلانن، خاص طور تي IWT بابت، سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهي نه صرف غيرقانوني آهن، پر “انساني حقن جي به خلاف آهن.” سابق پرڏيهي وزير چيو: “اسين توهان سان گڏ بيهنداسين، پاڪستان جو ڪيس نه صرف رستن تي، پر بين الاقوامي سطح تي به پيش ڪنداسين ۽ ڀارت جي فيصلي جو ڀرپور جواب ڏينداسين.” پيپلز پارٽي جي چيئرمين، وزيراعظم جو اڄ جي معاهدي لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. انڊس واٽرز معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي ورهائڻ وارو معاهدو آهي، جيڪو ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان طئي ٿيو هو. اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سنڌو ندي جي نظام جو پاڻي ورهائيندو آهي ۽ ان مقصد لاءِ انڊيا-پاڪستان انڊس ڪميشن جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪا ڪنهن به تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي. معاهدي جي آرٽيڪل XII جي شق 4 موجب، هي معاهدو تيسين لاڳو رهندو، جيستائين ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ باقاعدي تصديق ٿيل معاهدي جي ذريعي ان کي ختم نه ڪيو وڃي. وفاقي وزيرن پڻ پريس ڪانفرنس ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي ته هي معاهدو ڪنهن به ڌر طرفان هڪطرفي طور معطل نٿو ٿي سگهي.










