وزيراعظم ڪوئيٽا پهچي ويو، ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

وزيراعظم ڪوئيٽا پهچي ويو، ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا پهچي ويو، وفاقي وزير به ساڻس گڏ آهن.ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وزيرن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ڪيو.چيف سيڪريٽري بلوچستان ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو.وزيراعظم شهباز شريف اڄ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪندو.وزيراعظم خوشنوب ۽ قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ جو دورو پڻ ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف خوشنصيب ۾ ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ڪيو ويندو.ان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چمن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ مقامي ماڻهن سان به ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو