هانگزو(ويب ڊرسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن چين جي شهر هانگزو پهتو، جتي هو پنهنجي چئن ڏينهن واري چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم آفيس ايڪس تي ٻڌايو آهي ته هانگزو شياؤشان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس آمد تي کيس زيجينگ جي ڊپٽي گورنر شو وينگئينگ، چين ۾ پاڪستان جي سفيرجيانگ زيدونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفيرخليل هاشمي طرفان آجيان ڪئي وئي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، آئي ٽي وزير شزا فاطما خواجا، ۽ خاص معاون طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن۔
حڪومت جي بيان موجب، هانگزو ۾ وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ وينگ هو سان ملاقات ڪندو، ۽ سيپيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ ڪاروباري فورم ۾ حصو وٺندو۔ هو معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن (MoUs) جي تبادلي واري تقريب ۾ به شرڪت ڪندو۔
ان کان علاوه، وزيراعظم اهم چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون ڪندو ۽ علي بابا گروپ جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو، جتي تعاون بابت MoUs تي دستخط واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو۔
پرڏيهي وزارت موجب، هانگزو ۾ پنهنجا پروگرام مڪمل ڪرڻ بعد وزيراعظم بيجنگ روانو ٿيندو، جتي هو چيني صدر شي جنپنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقاتون ڪندو۔
بيجنگ ۾ هو پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو۔ ان سان گڏ هو اهم چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو ۽ چين جي زراعت بابت سائنسي اڪيڊمي جو به دورو ڪندو۔
پرڏيهي وزارت چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نئون رخ ڏيندو، خاص طور سيپيڪ جي ٻئي مرحلي تحت معاشي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندو۔
گذريل مهيني صدر آصف علي رداري پڻ چين جو پنج ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪيو هو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن زرعي ٽيڪنالاجي، پاڻي صاف ڪرڻ (desalination) ۽ چانهه جي شعبي ۾ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون هيون۔
ان کان اڳ، جنوري ۾ پاڪستان ۽ چين بيجنگ ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڳالهين دوران ترقياتي حڪمت عملين کي هم آهنگ ڪرڻ ۽سيپيڪ جي اپ گريڊ ٿيل ورزن “CPEC 2.0” تي اتفاق ڪيو هو۔
نئين مرحلي ۾ صنعت، زراعت ۽ کاڻين تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، گوادر بندرگاهه جي ترقي، قراقرم هاءِ وي جي بهتري، ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت وڌائڻ شامل هوندو۔
ٻنهي ملڪن واپار، آئي ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سائبر سيڪيورٽي، فني تربيت، تعليم، ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو هو۔
انهن خيالن ۾ خنجراب پاس کي سڄو سال کليل رکڻ ۽ ٽئين ڌر جي شرڪت کي به مقرر ٿيل اصولن مطابق CPEC تعاون ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي هئي۔










