اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي دوري کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات پهتو. دوري دوران وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شيخ محمد بن زيد النهيان ان اميد جو اظهار ڪيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. ٻئي طرف پاڪستاني قيادت متحده عرب امارات جي قيادت جي پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.










