اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ گهريلو صارفين کي سولر پينل فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ بلوچستان جي علائقن گوادر ۽ پنجگور ۾ بجلي جي فراهمي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي جو اعلان ڪندي چيو ته سولر پينل وفاقي حڪومت جو گوادر جي عوام لاءِ تحفو هوندو.وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گوادر ۾ گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي لاءِ 10 ڏينهن اندر پلان آف ايڪشن ڏنو وڃي ۽ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري آف گرڊ سسٽم جو جامع پلان پڻ پيش ڪيو وڃي. شهباز شريف اهو به چيو ته گوادر ۾ آف شور ۽ آن شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائينن جو ڪم ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ادارا به ڊگهي مدي واري منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائين ڇو ته عوام جي پئسي جي بچت ۽ صحيح استعمال کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.هن چيو ته گوادر جي بندرگاهه کي جديد بڻائڻ لاءِ بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ گوادر جي عوام کي جيستائين بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون وينديون، تيستائين چين نه ڇڏينداسين.










