وزيراعظم پاران ٿر ڪول بجلي پلانٽس ۽ نئين کاڻ جو افتتاح

وزيراعظم پاران ٿر ڪول بجلي پلانٽس ۽ نئين کاڻ جو افتتاح

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي اليڪٽرڪ جي 660 ميگا واٽ بجلي جي 2 پلانٽس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن منصوبي مان 1320 ميگا واٽ بجلي نيشننل گرد ۾ شامل ٿيندي. ان سان گڏوگڏ 330 ميگا واٽ جي هڪٻئي منصوبي ٿر نووا جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم ٿر بلاڪ ون ڪول مائن جو به افتتاح ڪيو. ٿر مان هن مهل تائين 3300 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. جيڪا 4 روپيا في يونٽ جي لاڳت سان پيدا ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ان سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي رهيا آهيون. هن چيو ته 1320 ميگا واٽ جي جن ٻن پلانٽس جواڄ افتتاح ڪيو آهي ان ۾ 7.8 ملين ٽن ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو. ان موقعي تي پرڏيهي کاتي جي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مونکي خوشي آهي ته اڄ ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهن کي ٿر ۾ روزگار ملي رهيو آهي. اڳ ۾ ٿر جا ماڻهو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روزگار لاءِ ويندا هئا، هن چيو ته اسانجو نعرو هو ته ٿر بدلائيندو پاڪستان اڄ اهو پورو ٿيو آهي. توانائي واري وزير خرم دستگير چيو ته اڄ سستي بجلي جو هڪ نئون جهان شروع ٿيو آهي. هن چيو ته هي شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ وارين ڪوششن جو ڦل مليو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسين اڄ نئين ڪول مائين جو به افتتاح ڪيو آهي،ٿر ۾ 100 سالن تائين جو ڪوئلي جو ذخيرو آهي، جيڪو الله جو اسان لاءِ وڏو تحفو آهي. هن چيو ته ٻاهران ڪوئلو گهرايون ها ته ان تي اربين ڊالر خرچ اچي ها. هن چيو ته ٿر جي بجلي سان سڄو پاڪستان روشن ڪندو. هي پاڪستان جي معيشت کي ترقي وٺرائيندو. هن چيو ته هي سيپيڪ جي ڪاميابي آهي، اسانکي سيپيڪ جي ايندڙ رٿا جيڪا زراعت جي ترقي ۽ صنعتي  زونز بابت آهي ان تي عمل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٿر جي رهاڪن لاءِ مان اسپتال ٺاهن جو اعلان ڪريان ٿو. پاڪ چين دوستي زنده آباد.

پهنجو تبصرو موڪليو